شيخ محمد حسين سيوهاڻي

شيخ، محمد حسين سيوهاڻي: شيخ محمد حسين ولد محمد مراد، سيوهڻ جو وڏو عالم ۽ محدث ٿي گذريو آهي. هن سموري تعليم پنهنجي والد علامه محمد مراد کان پرائي، جيڪو شيخ الاسلام جي لقب سان مشهور هو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو. شيخ محمد عابد مدني سندس ڀائٽيو ۽ شاگرد هو. شيخ محمد حسين لاءِ ‘اليانح الجني’ جو ليکڪ لکي ٿو ته: “شيخ محمد حسين وڏو جيد عالم هو، علوم دين ۽ علوم ابدان (طب) جو جامع هو.”
شيخ محمد حسين پنهنجي وڏن جي قائم ڪيل درسگاهه ۾ درس تدريس ۽ قرائت جو شغل جاري رکيو، قرائت ۾ کيس سند پڻ حاصل هئي. اها سند شيخ محمد عابد کي به شيخ محمد حسين کان پهتي. شيخ محمد حسين جو والد بزرگوار عربستان هجرت ڪري ويو، انڪري کيس به پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا. هي وڏو طبيب هو، ان ڪري عرب ملڪن ۾ سندس وڏي عزت هئي.
شيخ محمد حسين سيوهاڻيءَ 1230هه/1815ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو